شرت بابو

شرت بابو

شرت بابو

شرت بابو (ڪتاب): هيءُ بنگال جي نامور ليکڪ شرت بابوءَ بابت لکيل ڪتاب جو سنڌي ترجمو آهي. جنهن جو سنڌيڪار نامور ليکڪ نارائڻ ڀارتي آهي. هن ڪتاب ۾ ‘پبلشر جي قلم مان’ جي عنوان ديال آهوجا لکي ٿو ته، “رواجي طرح شرت بابوءَ کي ڪير نه سڃاڻي؟ هن نه صرف بنگال جي سماج تي بلڪه سڄي ڀارتيه سماج تي لکيو. هن شاهي عمارتن ۾ پورهيتن جي پورهئي جو پسينو ڏٺو.” هن ڪتاب جي ارپنا ديال آهوجا پنهنجي سرڳواسڻ زال شريمتي ڀڳواني ٻائي آهوجا کي ڪئي آهي. شرت بابوءَ کي منظوم ڀيٽا آنچل ڏني آهي. جنهن بعد شرت بابو جي ڪهاڻي ‘لالو’ ڏنل آهي، جنهن جو سنڌيڪار بهاري لعل آهي. هن ڪتاب ۾ ‘شرت ڪيئن ٿي لکيو’ جي سري سان نارائڻ ڀارتي، شرت جا مکيه ناول ۽ گوبند مالهيءَ جا مضمون ڏنل آهن.
ڪرائون سائيز جي هن 55 صفحن تي مشتمل ڪتاب کي ڀارت پستڪ ڀنڊار، سنڌونگر، بمبئيءَ ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جي قيمت ۽ سال ڄاڻايل نه آهي.


لفظ شرت بابوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو